سانگي ڪي ساريام

سانگي ڪي ساريام

سانگي ڪي ساريام

سانگي ڪي ساريام (ڪتاب): هيءُ ڪتاب مشهور شاعر ۽ نقاد شيخ عبدالرزاق راز جي لکيل خاڪن (profiles) تي مشتمل آهي. ليکڪ ڪتاب جو انتساب پنهنجي شريڪِ حيات جي نالي ڪيو آهي. ليکڪ لکي ٿو ته: ”سنڌي ادب ۾ خاڪا نگاريءَ جي هيءَ پهرين ڪوشش آهي، شايد ڀرپور شخصيتون نظر نه اچن، پر رڳو شخصيتن جون ڪي جھلڪيون ڏسڻ ۾ اچن، جي ائين ٿيو ته مان پنهنجو ڪارج سڦلو سمجھندس.“
’راز‘ صاحب هن ڪتاب ۾ شيخ اياز، استاد حامي، شاهه صاحب (شاهه محمد شاهه'>سيد شاهه محمد شاهه)، پروفيسر عبدالمجيد (ميمڻ)، آغا سليم، نارائڻ شيام، عبدالحليم جوش، اياز قادري، غلام رباني ۽ پروفيسر (رام) پنجواڻيءَ بابت خاڪا لکيا آهن، جن بابت لکي ٿو ته: ”ڪن شخصيتن کي پڙهيو اٿم، ڪن کي پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم، انهن سان ڪي قرب جون گھڙيون گھاريون اٿم، اڄ انهن کي ساٿي ۽ سڄڻ سمجھي ياد ڪيو اٿم. کين ڪردار بڻايو اٿم، ڪجھه حقيقتون بيان ڪيون اٿم، ڪؤڙيون ۽ مٺيون، ڪن افسانن جي پرده پوشي ڪئي اٿم، انتها پسنديءَ کي پاسي رکيو اٿم. ڪردار وارا ۽ بي ڪردار ماڻهو زندگيءَ جي هر شعبي ۾ نظر ايندا آهن. هروڀرو ائين به نه آهي ته صاحبِ ڪردار سڄو سون هوندا آهن، انهن ۾ به ڦيٽ هوندي آهي.“
ڪرائون سائيز جي 123 صفحن تي مشتمل هيءُ خاڪن جو ڪتاب ڊسمبر 1972ع ۾ آفاق صديقي، سيڪريٽري لطيف ڪاميٽي سکر ڇپايو ۽ ان جي قيمت ڏيڍ روپيو آهي.


لفظ سانگي ڪي ساريامھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو